اسان جو ڳوٺ

اسان جو ڳوٺ (ڪتاب): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هي ڪتاب ”سنڌ جا ڳوٺ“ سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو هن 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، رائل سائيز جي 303 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي. هي ڪتاب علي محمد خان بلوچ، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڳوٺ جي جاگرافيائي ۽ تاريخي پسمنظر ڏيڻ کان سواءِ ڳوٺ جعفر خان ۽ ان سان لاڳو ڳوٺن جي اقتصادي حالت ۽ ترقي بيان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ننڍپڻ جي پڙهڻ جي ڪهاڻي لکي آهي. ان بعد ڳوٺ جي ڪجهه لائق ماڻهن، ڳوٺاڻي زندگيءَ جي گڻن، هڪ داناءَ فقير، ڳوٺاڻن شاعرن، جنگ نامي ۽ لغاري قبيلي جي نسب نامي کي شامل ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي ڳوٺن جي تاريخ جي سلسلي جو اهم ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو